سکن جي وستي

سکن جي وستي: سنڌي ناٽڪن جو ڳٽڪو، جنهن جي ترتيب عمر ميمڻ ڏني ۽ اڪيڊمي حيدرآباد طرفان مارچ 1991ع ۾ شايع ڪيو ويو. ڳٽڪي ۾ شامل ناٽڪن ۾ ۾ مراد علي ’اختر‘ مرزا جو لکيل ناٽڪ ’زندگي پيار جو رانديڪو‘، محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو لکيل ’بي وقتي ٻانگ‘ ۽ آغا سليم جو لکيل ’سکن جي وستي‘ شامل آهن. هن ڪرائون سائيز جي 94 صفحن تي مشتمل ڪتاب جي قيمت 12.00 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو